سکر ۾ زيادتي نشانو بڻيل نينگري کي انصاف نه مليو، راڄوڻي لاءَ دٻاءُ

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر جي بچل شاهه واري علائقي اين آءِ سي وي ڊي ڀرسان مبينا طور تي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو  ڻيل 11 سالن جي معصوم نينگري بلقيس ميراڻي کي انصاف نه مليو، بااثرن ۽ پوليس وچ ۾ ڊيل سبب نينگري کي اسپتال بجاءِ گهر موڪليو ويو، ايئرپورٽ پوليس جوابدار ڌر جي پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ باوجود ڪيس داخل نه ڪيو، معاملي کي راڄوڻي نموني نبيرڻ جو ڪوششون جاري. خبر موجب ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بچل شاهه مياڻي واري علائقي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ويجھو رهندڙ يارنهن سالن جي معصوم نينگري بلقيس ميراڻي کي جوابدارن پاران مبينا طور اغوا ڪرڻ بعد جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ علائقي جي بااثر ڌرين ۽ پوليس معرفت ڊيل جون ڪوششون هلندڙ هيون جڏهن ته نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ سرڪاري اسپتال مان ڪرائڻ بجاءِ نجي اسپتال مان نينگري جو علاج ڪرائي کيس گهر منتقل ڪيو ويو آهي، ته جيئن نينگري جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ نه نڪري سگهي  ۽ جوابدارن کي بچائي سگهجي، ٻي طرف اطلاع آهن ته ايئرپورٽ پوليس نينگري سان ڏاڍائي ڪندڙ هڪ جوابدار سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کي ٿاڻي بجاءِ نجي جڳهه تي رکيو ويو آهي، بااثر ڌرين ۽ پوليس ۾ معاملا طئه ٿيڻ بعد ڌرين ۾ راڄوڻي فيصلو ڪرڻ بعد معاملي کي لئه مٽي ڪري جوابدارن کي آزاد ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.