رونتي ويجهو جهيڙي دوران زخمي ٿيل 2 نوجوان فوت

رونتي ( رپورٽ: ظهور گل ڏهر) رونتي ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي  ٿيل 2 نوجوان فوت ٿي ويا، رونتي جي ڪچي واري ڳوٺ جمعون شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي دوران زخمي ٿيل 2 ڄڻا فيض محمد شر ۽ رمضان شر زخمن جا سور نه سهندي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويا. فوتين جا مڙهه ڪشمور سول اسپتال آندا ويا جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.گذريل ڏينهن جهيڙي دوران ٻئي ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا،جهيڙو ڪندڙ پاڻ ۾چاچا ڀائٽيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.