آرمي چيف پاران بحرين جو دورو، اعليٰ ايوارڊ سان نوازيو ويو

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي بحرين جي ايوارڊ ”بحرين آرڊر“ سان نوازيو ويو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا بحرين جو دورو ڪيو، جتي بحرين جي ولي عهد، ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حماد سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف فيلڊ مارشل شيخ خليفه احمد الخليفه ۽ بحرين جي هٿياربند فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، ٻطرفن سيڪيورٽي ۽ دفاعي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي بحرين جي ايوارڊ ”بحرين آرڊر“ سان به نوازيو.

غلط روين سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي: راجا ظفر الحق

اسلام آباد (م ڊ ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ظفر الحق چيو آهي ته هر جلسي کان اڳ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو‏، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي، غلط روين سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي رٿ تي خيالن جو اظهار ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ظفر الحق چيو ته قائدايوان جي تقرير حقيقتن کان مٿانهين آهي، سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين کان انڪار ڪرڻ حقيقت نه آهي،هر جلسي کان اڳ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو

مچ سانحي عمران خان جي اصليت سامهون آڻي ڇڏي:ناصر شاهه

ڪراچي ( رپورٽر  ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه هزاره برادري کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجن پيارن کي دفن ڪري ڇڏين بي حس ۽ بي رحم حڪومت جو آسرو ڇڏي ڏين. هن چيو ته شهيدن جي تدفين کانپوءِ هزاره برادري عمران خان کي اچڻ نه ڏئي. اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته مچ سانحي عمران خان جي اصليت کي قوم آڏو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. خان صاحب ڪوئيٽا وڃڻ بدران وسيم اڪرم پلس سان ملڻ لاهور ويو آهي. هن چيو ته بي حسي ۽ ظلم جي حد هوندي آهي. زلفي بخاري ڪوئيٽا ۾ هزاره ڪميونٽي کان سوال ڪيو آهي ته وزيراعظم جي ڪوئيٽا اچڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ جا وزير ۽ ترجمان بد اخلاقي ۽ بدڪلامي ۾ هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪڻ جي  ڊوڙ ۾ مصروف آهن.  سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو آهي ته وزيرن ۽ ترجمانن چيو آهي ته خان صاحب پنهنجي سوٽ ۽ ويجهي دوست نعيم الحق جي لاڏاڻي تي به نه ويو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ان قسم جو رويو رکڻ سان عوام کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا.

پنهنجي پيارن جي قاتلن کي پڪڙڻ جو مطالبو ڪهڙي بليڪ ميلنگ آهي؟نفيسا شاهه

ڪراچي( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته وزير اعظم هزاره ڪميونٽي بابت بليڪ ميلنگ وارو انتهائي غير ذميواراڻو ۽ مذمت جوڳو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ نفيسه شاهه چيو ته متاثر خاندان پنهنجي پيارن جي قاتلن جو پتو لڳائڻ ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي، ڇا اِها بليڪ ميلنگ آهي؟هن چيو ته مچ واقعي جي متاثر خاندانن جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران بليڪ ميلنگ جو الزام هڻڻ شرم جوڳو آهي.نفيسه شاهه چيو ته وزير اعظم جو بيان هزاره ڪميونٽي جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، عمران خان متاثر خاندانن بابت ڏنل بيان فوري طور واپس وٺي.

وزيراعظم عمران خان سان سردار تنوير الياس جي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروبار بابت خاص مددگار سردار تنوير الياس جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا،

ڪرڪ ۾ مندر ڊاهڻ لاءِ ڀڙڪائيندڙ  مولوي فيض الله گرفتار

ڪرڪ ( م ڊ ) ڪرڪ ۾ مندر ڊاهڻ ۾ ملوث اهم جوابدار مولانا فيض الله کي گرفتار  ڪيو ويو آهي. آءِ جي خيبرپختونخواهه ثناءُ الله عباسي چيو آهي ته مندر ڊاهڻ ۾ ملوث اهم جوابدار فيض الله کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار مندر ڊاهڻ لاءِ ماڻهو گڏ ڪرڻ ۾ معاونت ڪئي هئي. آءِ جي ڪي پي چيو ته مندر کي ڊاهڻ ۾ ملوث 100 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

سينيٽ جو اجلاس سومر جي ٽپهري ٽي وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد ( م ڊ ) سينيٽ جو اجلاس سومر جي ٽپهري ٽي وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو  آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي رٿ جيڪا سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جي حوالي سان ايجنڊا بحث هيٺ آئي، ان تي بحث مڪمل ڪيو ويو، ايجنڊا جي ٻين ائٽمز تي بحث سومر ڏينهن جاري رهندو

صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪيوبا جي سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد  (م ڊ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي ملاقات  ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو

قانونسازي قومي اسيمبلي جي ايوان جو بنيادي ڪم آهي: طاهر حسين

اسلام آباد (م ڊ ) قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين چيو آهي ته قانونسازي قومي اسيمبلي جي ايوان جو بنيادي ڪم آهي جنهن جي لاءِ ماهر ۽ دانشوراڻي اهميت رکندڙ شخصيتن جي ٽيم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي، ايڊيشنل سيڪريٽري قانونسازي محمد مشتاق احمد جون ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن،

حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ شارٽ ٽرم منصوبو ٺاهي: چوڌري شجاعت

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين تجويز ڏني آهي ته حڪومت هڪ سال لاءِ سمورا منصوبا ملتوي  ڪري. جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ هڪ سال شارٽ ٽرم منصوبو ٺاهي، سياستدان پنهنجي سياست وساري عوام جي تڪليف لاءِ گڏ ٿين، حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ڀلي سياسي نقصان ٿئي پر بيروزگار ۽ پگهاردار طبقي جي مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.