ملڪ ۾ ڏنڊي جي حڪمراني آهي، سليڪٽڊ وزيراعظم اجازت بنا ڪوئيٽا نه ويندو: اپوزيشن

اسلام آباد ( م ڊ )  سينيٽ ۾ مخالف ڌر پارٽين حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڏنڊي جي حڪمراني آهي، جيستائين سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪوئيٽا وڃڻ جي اجازت نه ملندي، اهو ڪوئيٽا نه ويندو.   سينيٽر عثمان ڪاڪڙ ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته زيراعظم آئين، عدليه ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿو، پر ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه، پر ڏنڊي جي حڪمراني هلي رهي آهي، حڪمران ماڻهن کي بغاوت تي مجبور ڪري رهيا آهن. جي يو آءِ سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان چيو آهي ته سليڪٽرز جي اجازت ملڻ بعد وزيراعظم ڪوئيٽا ويندو، ملڪ کي بچائڻو آهي ته ڪٺ پُتلين ۽ چاپلوسن مان جان ڇڏائڻي پوندي، مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته اسان هزاره برادري کي درخواست ڪريون ٿا ته لاشن جي بي حرمتي نه ڪريو، انهن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، اسان سرحدن تي حفاظت ڪندڙ پنهنجي فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ٿا، اها فوج اسان جي فوج آهي، اڍائي سالن کانپوءِ به حڪومت اها رٽ لڳائي رهي آهي ته ماضي ۾ هي ٿيندو رهيو آهي، هو ٿيندو رهيو آهي، هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، سياسي ماڻهن جا پٽڪا نه لاهيو، اسان کي ادارا عزيز آهن پر حڪومت ٻڌائي ته هو آخر ڪهڙي حد تائين وڃڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته ڪٺ پتلين ۽ چاپلوسن مان جان ڇڏائڻي پوندي.سينيٽر سسئي پليجو چيو ته مڇ واقعي جي هڪ ڀيرو ٻيهر مذمت ڪريان ٿي، هي دهشتگردي ۽ بربريت جو سنگين واقعو آهي، بلوچستان اهم صوبو آهي، هزاره برادري پيڙهيل آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ به دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏنو، بينظير ڀٽو پاڻ دهشتگردي جو شڪار ٿي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، وفاقي حڪومت پنهنجا نمائندا بلوچستان موڪلي.  پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته اسان پڪڙ ڌڪڙ ناهي ڪئي، پڪڙ ڌڪڙ ڪرڻ وارا اهي هئا جنهن دلائي ڪيمپ قائم ڪيا ۽ چيف جسٽس تائين کي جيل ۾ وجهڻ جون ڳالهيون ڪيون، ماڊل ٽائون ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪنهن ڪيو، وزيراعظم جي اڃان تائين ڪوئيٽا نه وڃڻ جو به ڪو سبب هوندو، پر هو ڪوئيٽا ضرور ويندو، فوج کي تنقيد جو هدف نه بڻايو وڃي، اسان کي سليڪٽيڊ چوندا آهن جتان کان پاڻ چونڊيا آهيو ڇا اتي سليڪٽيڊ نه آهيو، سياسي عسڪري عدم توازن تي ڳالهه ڪريو پر فوج کي تنقيد جو هدف نه بڻايو. سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته مخالف ڌر مودي جي ٻولي ڳالهائي رهي آهي، ان جي ايجنڊا پنهنجي لٽيل دولت کي بچائڻ آهي، ان جي لاءِ اهي سموريون حدون پار ڪري ويا، اسان تي سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جو الزام لڳائيندڙ پنهنجي دورن جي دلائي ڪيمپ، عقوبت خانا وساري ويٺا، ماڊل ٽائون ۾ گلوبٽوئن سان گڏجي قرآن پڙهندڙ بزرگن ۽ ڳورهارين عورتن تي گوليون وسائيندڙ اسان کي ڀاشڻ ڏيندا آهن، ريڊ لائين عبور نه ڪريو، ففٿ جنريشن وار تحت ري گروپنگ ٿي رهي آهي، دهشتگرد ڪارروايون تيز ٿي رهيون آهن، بي خبري ۾ ڪجهه ماڻهو ان جو حصو بڻجي ويندا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.