هزاره متاثر تدفين تي راضي، ڌرڻو ختم، وزيراعظم ڪوئيٽا لاءِ تيار

ڪوئيٽا (رپورٽر) ڪوئيٽا ۾ ڇهين ڏينهن به لاشن سوڌو ڌرڻو جاري آهي. ڪاٽو  ڊگري جي ٿڌ ۾ ڇهن ڏينهن کان ويٺل سوڳوار ملڪ  جي  تخت ڌڻي جي آٿت جي انتظار ۾ آهن. هزارا برادري لاش پهرين دفنائڻ وارو وزيراعظم جو شرط رد ڪندي وزيراعظم جي آمد تائين لاش دفنائڻ کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي.  هزاره برادري جي اڳواڻن جي اجلاس دوران وزيراعظم جي بيان جو جائزو ورتو ويو. هزاره برادري هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم جي آمد کان اڳ پورهيتن جا لاش دفنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪوئيٽا باءِ پاس تي ڌرڻي دوران هزاره برادري جون عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. هوڏانهن رات دير سان ڄام ڪمال، علي زيدي ۽ قاسم سوري هزاره برادري وٽ پهچي ويا هئا، جن جو رات دير تائين ڳالهيون جاري رهيون، ذريعن موجب متاثرن کي سمورا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي وئي، وزيراعظم عمران خان به  ڪوئيٽا وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي، سندس ڪوئيٽا اچڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ نور خان ايئربيس ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. هزاره برادري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي آمد تائين پورهيتن جا لاش نه دفنايا ويندا ۽ نه ئي ڌرڻو ختم ٿيندو، مچ سانحي ۾ هزاره برادري جي 11 پورهيتن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو. ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي سربراهه سراج الحق، منهاج القرآن جي اڳواڻ اعجازالحق سميت سول سوسائٽي جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا. جڏهن ته هزاره متاثرن ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد متاثرن لاش دفنائڻ ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.03

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندا) مچ سانحي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي. مچ سانحي خلاف ڪراچي ۾ ڇهين ڏينهن به 26 کان وڌيڪ مختلف هنڌن  تي ڌرڻا هنيا ويا، ٻئي پاسي شهر ۾ مچ سانحي خلاف 30 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن. نمائش چورنگي تي مرڪزي ڌرڻو لڳل آهي، جڏهن ته ناٿا خان، ڪالوني گيٽ، ڊرگ روڊ، ڪامران چورنگي، جوهر موڙ، صفوران چوڪ، ابوا الحسن اصفهاني روڊ، نيپا، سمامه پل جي ڀرسان، ملير 15، ڪورنگي اڍائي نمبر، دائود چورنگي، ڪورنگي ڪراسنگ، لانڍي، اسٽار گيٽ، پاور هائوس، انچولي فائيو اسٽار چورنگي، ٽاور، عائشه منزل، ناظم آباد 7 نمبر، ناظم آباد 1، شاهه فيصل ڪالوني پل، ضياءُ الدين چورنگي، ناگن چورنگي، شاهه فيصل ڪالوني، ضيا الدين چورنگي ۽ ناگن شامل آهن.احتجاج ۽ ڌرڻن سبب شهر جي مرڪزي شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي پئي جنهن سبب عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. حيدرآباد، هالا، سکر، گهوٽڪي، نوابشاهه، ڪنڊيارو، ڪشمور، گاجي کهاوڙ، ڪوٽڙي، ڄام صاحب، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ به ڌرڻا هنيا ويا آهن  سکر ويجهو  ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ مچ سانحي جي ذميوارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ شيعا تنظيمن پاران ڌرڻو جاري آهي. موري ۾ قومي شاهراهه تي سيد ڪاظم علي شاهه ۽ مولانا دوست محمد چنا جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو  هنيو ويو.  هالا باءِ پاس وٽ مچ واقعي خلاف لڳل ڌرڻي ۾ عورتون به پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ شريڪ آهن. ڪنڌڪوٽ، اوٻاوڙي، جيڪب آباد، دادو،  واهي پانڌي، خيرپور ناٿن شاهه، ڪڪڙ، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا. مٽياري، شهدادپور، چيلهار، ڇاڇرو، چمبڙ ۾ به احتجاج ڪيو ويو. خيرپور ۾ به ڌرڻا لڳل آهن. سکر، شڪارپور، لکي غلام شاهه ، بڊاڻي، ڊکڻ، ڪشمور ۾ به ڌرڻا هنيا ويا، حيدرآباد قومي شاهراهه تي ڌرڻي سبب موٽروي بلاڪ ٿي ويو، لوڻي ڪوٽ کان حيدرآباد ۽ مٽياري تائين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. . اڳواڻن جو چوڻ هو ته مچ ۾ بيگناهه انسان کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو آهي ڪوئيٽا ۾ جاري احتجاج تائين سندن ڌرڻا به لڳل رهندا . اڳواڻن وفاقي سرڪار ۽ بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث هٿن کي  وائکو  ڪري جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين اهڙن واقعن جو ورجاءُ نه ٿي سگهي. ڳڙهي ياسين شهر ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن جي ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيدن سان يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.