بيان سان وزيراعظم جي ناڪاري سوچ ظاهر ٿي: سراج الحق

ڪوئيٽا (م ڊ) جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته هزارا برادري جو معصوماڻو مطالبو آهي ته زيراعظم ڪوئيٽا اچي. افسوس جو  وزيراعظم تڪبر وارو بيان ڏنو ته لاش دفنايا وڃن. اسلام آباد بي ضمير ماڻهن جو  قبرستان آهي. وزيراعظم انسانيت خاطر هزارا برادري ڏانهن هڪ ڪلاڪ لاءِ به نٿو وڃي سگهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڪوئيٽا ۾ هزارا برادري  وٽ پهتو.  سراج الحق چيو آهي ته  بليڪ ميلنگ واري بيان سان عمران خان جي ناڪاري سوچ ظاهر ٿي رهي آهي. پورهيتن جا لاش دفنائڻ آڏو وزيراعظم رڪاوٽ بڻيل آهي، مچ سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري تائين حڪومت کي پورهيتن جي قاتل سمجهون ٿا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.