سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران محمود آباد ۾ آپريشن روڪڻ لاءِ درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  محمود آباد ۾گجرنالي تي حددخلين خلاف جاري آپريشن روڪڻ لاءِ منع نامو جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري  ڇڏيو آهي.عدالت رهواسين  جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت اسٽي آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪندي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذارن جو موقف آهي ته گذريل 25کان 30 سالن کان رهواسي  آهن ،هاڻ بغير نوٽيس جي گهر ڊاهيا پيا وڃن .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نالي جي زمين تي قبضي جي ڪري برسات ۾ شهر جي صورتحال خراب ٿي ويندي آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي  قبضو ختم ڪرايو پيو وڃي،وڌيڪ وقت نٿاڏئي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.