ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ لاءِ عالمي خدمتون وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد( م ڊ ) وفاقي آءِ ٽي وزارت ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ وارو نظام جوڙڻ لاءِ عالمي سطح جي ڪنسلٽنٽس جون خدمتون  حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ وارو نظام جوڙڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي عالمي سطح جي ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته صدر پاڪستان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ووٽنگ جي شفاف نظام لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي گڏجاڻي ۾ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي اي ووٽنگ جي نظام لاءِ عالمي سطح جي ڪنسلٽنٽس کي هائير ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ لاءِ قومي اخبارن ۾ اشتهار پڻ ڏنا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.