ب فارم نه ملڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي حڪم جي باوجود يتيم نياڻي کي نادرا سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏيڻ تي توهين عدالت جي درخواست  داخل ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو  ويو آهي  ته عدالت منهنجي ماسي کي سرپرست  ٺاهيو هو ۽ نادراکي حڪم ڏنو هو ته بي فارم ڏنو وڃي، پر ان جي باوجود مون کي بي فارم نه ڏنو ويو آهي، انڪر ي نادرا جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، يادرهي ته جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ يتيم نياڻي ماهم کي بي فارم نه ڏيڻ جي خلاف نادراکي حڪم ڏنو هو ته  ماهم جا ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا آهن هو پنهنجي  ماسي سان رهندي آهي .تعليم حاصل ڪرڻ ٿي چاهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.