گيس بحران تي قيادت خلاف بيان تي فردوس شميم کان نيٺ عهدو واپس

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي نيٺ عهدو وڃائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ قيادت گيس بحران سبب تنقيد  ڪرڻ تي فردوس شميم کان مخالف ڌر جي عهدي تان استعيفيٰ طلب ڪئي هئي. فردوس شميم چيو ته استعيفيٰ وزيراعظم ڏانهن واٽس ايپ ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ گيس بحران تي فردوس شميم وزيراعظم سميت پارٽي قيادت خلاف بيان ڏنو هو ۽ کيس شرم اچڻ جا لفظ چيا هئا، جنهن تي قيادت مٿس ناراض ٿي ويو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.