حيدرآباد: تعليم جي ڏهاڙي تي مختلف تنظيمن پاران پريس ڪلب سامهون جاڳرتا ريليون

حيدرآباد۾ تعليم جي حوالي سان اعلانيل ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف تنظيمن پاران پريس ڪلب سامهون جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون. سنڌ ايجوڪيشن ۽ شاهه لطيف علمي ادبي فورم طرفان اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين لياقت ميراڻي، شفيع ملاح، اميربخش لاکو، مختيار لاشاري، گل لغاري، منير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن پاران ضلعي صدر محمود چوهاڻ، پ ٽ الف جي صدر روشن مشوري، نواب سومرو، دفاع امن ڪونسل پاڪستان ضلعي ڄامشورو پاران عبدالستار انڙ، عنايت علي جهتيال، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن پڪو نه ڪرڻ ۽ اسڪولي عمارتن جي زبون حالي خلاف ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تعليم جي اهميت انسان جي وجود سان شروع ٿئي ٿي، تعليم کانسواءِ انسان ترقي جون منزلون طئه نٿو ڪري سگهي. هنن چيو ته پاڪستان تعليم جي لحاظ کان دنيا جي ٻين ملڪن کان پوئتي پيل ملڪ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري طرف ڌيان ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.