هيومن رائٽس ڪميشن جو وزير اعظم عمران خان جي بيان تي حيرت جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انساني حقن واري ڪميشن وزير اعظم عمران خان جي هزاره برادري جي ڌرڻي بابت بليڪ ميل ٿيڻ واري بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ ڪميشن چيو ته متاثرن جو تحفظ ۽ انهن جا مطالبا مڃڻ وزير اعظم جي منصب جي فرضن ۾ شامل آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ انساني حقن واري ڪميشن جو چوڻ هو ته هزاره برادري ڊگهي عرصي کان زيادتين ۽ نسل ڪشي جو شڪار آهي، هزاره برداري جي سوڳوارن کي بليڪ ميلر چوڻ توهين جوڳو آهي.

ڪميشن چيو ته هزاره برادري جو تهڦظ ۽ انهن جي مطالبن جو احترام ڪرڻ وزير اعظم جي فرضن ۾ شامل آهي، پاڪستان جي رياست هزاره برادري جي حياتين ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ ڪرڻ لاءِ فوري بندوبست ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.