بي حس وزير اعظم جي انتظار کان سواءِ وارثن پيارن جي تدفين ڪن: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته موجوده حڪمرانن مان اميد نه رکو، بي حس وزير اعظم جي اچڻ جي انتظار کان سواءِ وارثن پيارن جي تدفين ڪن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سخت سيءَ منفي 10 ڊگري سينٽي گريڊ ۾ ماڻهو ڌرڻي ۾ ويٺل آهن، سڄو ملڪ انهن جي تڪليف کي محسوس ڪري رهيو آهي.

سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته شرپسند عنصر به فائدو کڻي سگهن ٿا، ملڪ ۾ فرقيواراڻي فسادن جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته پوري قوم شهيدن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڪراچي سڄيت سڄي سنڌ ۾ خاص جاين تي ڌرڻو هڻي رستا کوليا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.