ملڪ جو صدر ميتن جي مٿان اڏامي گوادر پهتو پر ڪوئيٽا ۾ نه لٿو: رضا رباني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته جڏهن وزير اعظم چوي ته بليڪ مليڪ نٿو ڪري سگهجي ته مطلب انا رياست کان وڏي آهي، وزير اعظم جو اِهو رويو فاشزم ڏانهن رخ آهي.

رضا رباني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته رياست سمورن شهرين جي لاءِ ماءُ جهڙي آهي، آئين جان ۽ مال ۽ آزادي جو تحفظ فراهم ڪندو آهي.

هن چيو ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جا وارثن سندن ميتون گڏ کڻي منفي 6 ڊگري سينٽي گريڊ  ويٺا آهن، وزير اعظم پنهنجي سرڪاري قيد جي جون ٻيڙيون ٽوڙي هنن ماڻهن وٽ وڃي.

پ پ جي سينيٽر رضا رباني چيو ته انهن ماڻهن تي ظلم ڪيو ويو آهي ۽ رياست خاموشي سان تماشو ڏسي رهي آهي، ملڪ جو صدر ميتن جي مٿان اڏامي گوادر پهتو پر ڪوئيٽا ۾ نه لٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.