”وزير اعظم ماڻهن کي بغاوت تي مجبور پيو ڪري“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر تعلق رکندڙ سينيٽرن وزير اعظم عمران خان کي تنقيد جي نشاني تي رکيو.

اجلاس کي خطاب ۾ سينيٽر عثمان ڪاڪڙ ۽ عطا الرحمان کليل نموني تنقيد ڪئي ۽ چيو ته وزير اعظم صاحب، توهان ماڻهن کي بغاوت تي مجبور پيا ڪيو.

سينيٽر عثمان ڪاڪڙ پنهنجي خطاب ۾ عمران خان تي ڪڙڪي پيو ۽ چيو ته وزير اعظم ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي نه پر ڏنڊي جي حڪمراني چاهي ٿو.

هن چيو ته مڙهيل حڪومت ۽ وزير اعظم عمران خان آئين، جمهوريت ۽ عدالتن جي ڳالهه ڪندو آهي، پر مخالف ڌر هن جي لاءِ برداشت ٿيڻ جهڙي ناهي.

عثمان ڪاڪڙ اِهو به چيو ته توهان ماڻهن کي بغاوت تي مجبور ڪري رهيا آهيو، هتي بندوق کڻڻ منع آهي، جمهوري احتجاج ڪرڻ منع آهي، ملڪ ۾ سويلين اٿارٽي ناهي.

هوڏانهن مولانا عطا الرحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وزير اعظم عمران خان کي اجازت ملندي ته هو مچ ويندو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جن جي ڪلهن تي ويهي وزير اعظم طور آيو آهي، هاڻ انهن جي ئي حڪم جو منتظر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.