حڪومت هڪ سال لاءِ سمورا منصوبا ملتوي ڪري: چوڌري شجاعت جي تجويز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين تجويز ڏني آهي ته حڪومت هڪ سال لاءِ سمورا منصوبا ملتوي ڪري.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت غربت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ سال جو شارٽ ٽرم منصوبو بڻائي، سياستدان پنهجي سياست وساري عوام جي تڪليف کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿين.

چوڌري شجاعت وڌيڪ چيو ته حڪمت عملي مرتب ڪرڻ ۾ ڀلي سياسي نقصان ئي ڇو نه ٿئي پر بيروزگار ۽ پگهاردار طبقي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.