”شهيدن جي تدفين ۾ رنڊڪ سندن وارث نه وزير اعظم پاڻ آهي“

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته بلوچستان جي علائقي مچ ۾ قتل ڪيل مزدورن جي تدفين ۾ رنڊڪ شهيدن جا وارث نه پر وزير اعظم آهي.

ڪوئيٽا ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسان سان گڏجي روئون پيا ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ هڪ اسلامي ۽ جمهوريت ملڪ ۾ اِها درندگي، اِها بربريت ۽ اِها وحشت ڇو ٿي رهي آهي.

هن چيو ته اسان جي ڀائرن کي گوليون هڻي ذبح ڪيو ويو پر ان کان وڏو ظلم اِهو آهي ته هتي ڪجهه لاش موجود آهن جن ۾ روح ناهي ۽ ڪجهه جيئرا لاش اسلام آباد ۾ آهن جيڪي مظلوم جو آواز، هنن جي آهه ۽ فرياد نه پيا ٻڌن ۽ وري پاڻ کي حڪمران ٿا چون.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت جا وفاقي وزير چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو قتل ٿي وڃي ته جڏهن ان جو قاتل گرفتار نه ٿئي ته اسان سمجهنداسين ته حڪومت ان جي قاتل آهي، اڄ صوبائي راڄڌاني ۾ هي 10 لاش موجود آهن ته انهن جو قاتل اسان ان وقت تائين هن حڪومت کي ئي تصور ڪنداسين جيستائين انهن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا نه ڏني وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن جنهن مان ٻه هزار اسي حڪومت جي دور ۾ گم ٿيا آهن، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ تبديلي جي نالي تي ايندڙ ڪالهه اِهو ئي پئي چيو ته اسان کي حڪومت ملي ته اسان گم ٿيلن کي هٿ ڪنداسين، توهان 222 ماڻهو هٿ ڪيا پر جيئرا نه پر انهن جا لاش هٿ ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.