نواز شريف جو هزاره برادري جي احتجاج جي حمايت جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف هزاره برادري جي احتجاج جي ڪال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارٽي جي سربراهه نواز شريف هزاره برادري جي احتجاج جي ڪال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي سڄي ملڪ ۾ جماعت جي مقامي قيادت ۽ ڪارڪنن کي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي.

مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ سڄي پارٽي هن ڏکئي وقت ۾ هزاره براري جي ڏک ۾ شريڪ آهي جڏهن ته هزاره برادري جي شهيدن جي معاملي کي پي ڊي ايم ۾ به کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان نواز شريف شاهد خاقان عباسي کي مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين قائدين سان فوري رابطو ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.