ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) مچ ۾ مزدورن جي قتل خلاف اولهه باءِ پاس تي هزاره برادري طرفان لاش کي ڏنل ڌرڻو ڇهين به جاري آهي.
شهر ۾ منفي 10 ڊگري سينٽي گريڊ ۾ جاري ڌرڻي ۾ مجلس وحدت المسلمين جا اڳواڻ، ڪارڪن، هزاره ڪميونٽي، وارث ۽ عورتون ۽ ٻار شريڪ آهن.
ڌرڻي ۾ مچ سانحي ۾ قتل ٿيل مزدورن جون ميتون به روڊ تي رکيل آهن.
ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي اچڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، جڏهن مڙهه وزير اعظم جي اچڻ کان پوءِ دفن ڪيا ويندا.