آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بحرين آرڊر سان نوازيو ويو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بحرين جي ايوارڊ ” بحرين آرڊر“ سان نوازيو ويو.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بحرين جو دورو ڪيو جتي بحرين جي ولي عهد، ڊپٽي سپريم  ڪمانڊر ۽ وزير اعظم شهزادي سلمان بن حماد سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل شيخ خليفه بن احمد الخليفه ۽ بحرين جي هٿياربند فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بند عيسيٰ الخليفه سان به ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي شعبي موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻهطرفي سيڪيورٽي ۽ دفاعي معاملن تي خيالن ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب بحريني قيادت پاڪستان سان خاص لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.

پاڪ فوج موجب بحرين جي ولي عهد شهزادي سلمان بن حماد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بحرين جي ايوارڊ ” بحرين آرڊر“ سان به نوازيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.