”ڪپتان جي فرعونيت وارو لهجو ٻڌائي پيو ته سندس ڏينهن پورا آهن“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي وزير اعظم جي مچ سانحي ۾ فوت ٿيلن جي تدفين جي حوالي سان بيان تي رد عمل ۾ چيو ته ڪپتان جو فرعونيت وارو لهجو ٻڌائي رهيو آهي ته هن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن.

اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي عمران خان جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته ڪپتان جو فرعونيت وارو لهجو ٻڌائي رهيو آهي ته هن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، هزاره برادري جي لاءِ ڌمڪي واريون ڳالهيون ڪرڻ هنن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر ۽ مذمت جوڳو آهي.

هن چيو ته وزير اعظم جيڪڏهن عوام جو نه ته پوءِ ڪنهن جو آهي؟ ڪوئيٽا ۾ لاش پيا آهن پر وزير اعظم هائوس ۾ شخص جي ڇاتي ۾ دل ئي ناهي.

 اي اين پي جي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته انسانن تي رحم نٿو اچي ته گهٽ ۾ گهٽ لاشن تي ته رحم ڪري جيڪي گذريل 6 ڏينهن پيل آهن، خبر ناهي وزير اعظم ڪوئيٽا وڃڻ جي لاءِ ڪنهن جي حڪم ۽ اجازت جو انتظار پيو ڪري؟

هن وڌيڪ چيو ته ان قسم جا حڪمران مڙهيا ويندا تيستائين دهشتگرد ته ڇا ملڪ جو ڪو به مسئلو حل نٿو ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.