حمزه شهباز ڪيس ۾ شرم جوڳيون حقيقتون سامهون آيون آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس مشير عالم ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ شرم جوڳيون حقيقتون سامهون آيون آهن.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخوست تي ٻڌڻي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران حمزه شهباز جي وڪيل اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته حمزه شهباز جي 2003 کان احتساب عدالت ۾ ڪيسن ٻڌڻي هيٺ آهن، هڪ سال 7 مهينن کان حمزه شهباز جيل ۾ آهي.

امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته اسان جو واحد ڪيس آهي جيڪو هفتي ۾ ٻه ڀيرا مقرر ڪيو ويندو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نيب عدالتون روزاني جي بنياد تي 5 کان 10 شاهدن جو بيان ريڪارڊ ڪنديون آهن.

جسٽس مشير عالم ريمارڪس ڏنا ته اسان چاهيون ٿا ته نيب سمورن جوابدارن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري.

عدالت چيو ته نيب عدالت ۾ جيڪو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيو ان جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي، لاهور جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته لاهور جي احتساب عدالت نمبر 2 ۾ ڪيسن کي جلد اُڪلائڻ جي طريقيڪار بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

جسٽس مشير عالم ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن اُهي شرم جوڳيون آهن، پر ٽرائل جي سطح تي ڪا به آبزرويشن نٿو ڏيڻ چاهيان.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سڄي ملڪ ۾ 30 نيون احتساب عدالتون بڻي رهيون آهن، نين عدالتن جي قيام سان ڪين جو بار ورهائبو جنهن تي جسٽس مشير عالم چيو ته احتساب عدالت جي رپورٽ اچڻ ڏيو خبر پوي ته ٽرائل ڪڏهن مڪمل ٿيندو.

سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ مان احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي تفصيل طلب ڪندي حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.