”هزاره برادري جي قتل ۾ عالمي مافيا ملوث آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هزاره برادري جي قتل ۾ انٽرنيشنل مافيا ملوث آهي، اسان چار اهڙا گروپ پڪڙيا جن شيعا سني جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائڻ پئي چاهيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر آهي، پشاور، لاهور، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جا اطلاع آهن، اسان سرگوڌا اسلام آباد ۽ ڪراچي مان دهشتگرد پڪڙيا آهن، اسان چار اهڙا گروپ پڪڙيا جيڪا شيعا سني جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائڻ وارا هئا، جڏهن ته هزاره ڪميونٽي جي قتل ۾ انٽرنيشنل مافيا ملوث آهي.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته وزير اعظم هزاره برادري سان همدردي رکي ٿو، ڪوئيٽا جو واقعو ٿيو ته ايندڙ ڏينهن وزير اعظم جي هدايت اُتي پهچي ويس، اسان جا وزير به ڪوئيٽا ۾ موجود آهن، جيڪي افغاني شهيد ٿيا انهن جي وارثن سان همدردي آهي.

شيخ رشيد چيو ته اسان سمورا مطالبا قبول ڪيون ٿا، ڪجهه ماڻهو ان خوفناڪ حادثي تي به سياست پيا ڪن، سياست جي لاءِ وڏو وقت آهي، هي وقت سياست جو ناهي، ملڪ ۾ ٻيا به مسئلا آهن، زلفي بخاري ۽ علي زيدي ڪوئيٽا ۾ آهن اميد آهي ته معاملو جلد حل ٿي ويندو.

گهرو وزير جو پوليس اڪيڊمي ۾ خطاب:

ان کان اڳ اسلام آباد جي پوليس اڪيڊمي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اسلام آباد مان سموريون پوسٽون ختم ڪيون، 6 وارداتن مان 4 جا جوابدار پڪڙيا ويا، ويزا آن لائن ڪري ڪرپشن ختم ڪري ڇڏي، ايگزٽ جي ويزا به آن لائن ڪري رهيا آهيون، ايف آءِ اي ۽ نادرا کي ٺيڪ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.