وزير اعظم جي انا کيس متاثرن ڏانهن وڃڻ کان پئي روڪي: مريم نواز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مريم نواز چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي انا کيس متاثرن ڏانهن وڃڻ کان روڪي رهي آهي، ۽ هو مظلومن سان مقابلو ڪري رهيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته هزاره متاثرن سان ملاقات ۾ جيڪي منظر ڏٺا انهن جيءُ جهوري ڇڏيو آهي، متاثر ميتن کي تابوت ۾ وجهي آڏو رکيو ويٺا آهن هزاره برادري تي قيامت پئي گذري، ڪجهه متاثرعورتن چيو ته هاڻ هنن جي گهر ۾ ڪو به مرد ناهي جيڪو جنازن کي ڪلهو ڏئي، ٻار پنهنجي پيءُ جو تابوت آڏو رکيو ويٺا هئا، مچ سانحي تي سياست ڪيان ها ته عمران خان کي منهن لڪائڻ جي جاءِ نه ملي ها، عمران خان پنهنجي نااهلي کي سياست چئي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري، هن کي سياست جي آڙ ۾ لڪڻ نه ڏبو.

مريم نواز چيو ته سڄي قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي هزاره برادري جي سور کي محسوس ڪيو آهي، گذريل 6 ڏينهن کان قوم جون مائرون ڀينرون حڪمران جو انتظار پيون ڪن، متاثرن جو چوڻ آهي ته هنن جو ڪو به مطالبو ناهي، حڪمران اچي رڳو اسان جي زخمن تي مرهم رکن، سندن مٿن تي شفقت جو هٿ رکيو وڃي، پر وزير اعظ۾ چيو ته آئون بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس، وزير اعظم بي حسي ۽ انساني کان عاري ڳالهيون ڪيون.

ن جي نائب صدر جو چوڻ هو ته هزاره برداري وٽ شهيدن کي دفنائڻ جي به جاءِ ناهي بچي، حڪومت جي ناڪام ۽ نااهلي جي ڪري مچ سانحو پيش آيو، هزاره برادري کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ حڪومت جي ناڪامي آهي، متاثر توهان کان ڪجهه به نه پئي گهريو، متاثر توهان کان رڳو شفقت هٿ پيا چاهن، سيڪيورٽي ڪليئرنس اسان کي به ناهي ملي، پر اسان پوءِ به اُتي وياسين، وزير اعظم پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، هو مظلومن سان پيو مقابلو ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم چوي ٿو ته ملڪ جو سربراهه قوم جي پيءُ جي حيثيت رکي ٿو جيڪڏهن توهان جي گهر ڪا آفت اچي ته توهان ائين ڪندا؟ چئو ٿا ته لاش دفنايو پوءِ ايندس، ڇا توهان هنن سان شرطون پيا هڻو، تدفين کان پوءِ جي وڃڻ جي ڪا به حيثيت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.