مچ سانحو: ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙن ۽ شهرين ۾ جهيڙو، موٽر سائيڪلن کي باهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رت ڄمائيندڙ سيءَ ۾ مچ خانحي خلاف متاثرن جو ميتن سميت احتجاج ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو.

شديد سيءَ ۾ مچ سانحي جي خلاف متاثرن جو ميتن سميت احتجاج ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، کليل آسمان هيٺ ويٺل مظاهرو ڪندڙن طرفان وزير اعظم جي اچڻ تائين لاش دفنائڻ کان انڪار پيو ڪيو وڃي.

شهدا ڪميٽي ۽ ڌرڻي جي انتظاميا جي هنگامي پريس ڪانفرنس به ٿي. متحده وحدت المسلمين جي اڳواڻ آغا رضا چيو ته ڌرڻي بابت خاص طبقو ناڪاري پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي، وزير اعظم ايندو ته کيس عزت ڏني ويندي.

ٻئي پاسي شهر ۾ مچ سانحي خلاف 26 ماڳن تي ڌرڻو جاري آهي جنهن ۾مرڪزي ڌرڻو نمائش چورنگي جڏهن ته ٻين علائقن ناٿا خان، ڪالوني گيٽ، ڪامران چورنگي، جوهر موڙ، صفوران چورنگي، ابوا الحسن اصفهاني روڊ، نيپا، سمامه پل جي ڀرسان، ملير 15، اسٽار گيٽ، پاور هائوس، انچولي فائيو اسٽار چورنگي، ٽاور، عائشه منزل، ناظم آباد 7 نمبر، ناظم آباد 1، شاهه فيصل ڪالوني پل، ضياءُ الدين چورنگي، ناگن چورنگي ۽ پيپلز پارٽي، شاهه فيصل ڪالوني، ضيا الدين چورنگي ۽ ناگن شامل آهن.

احتجاج ۽ ڌرڻن سبب شهر جي مرڪزي شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي پئي جنهن سبب عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي. شاهه فيصل ۽ ڊرگ روڊ جي ڀرسان مظاهرو ڪندڙن ۽ شهرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ان دوران هجوم ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرو ڪندڙن جي 6 موٽر سائيڪلن کي باهه ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.