”منهنجي اچڻ تائين لاش نه دفنائي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو هي ته هزاره برادري اڄ ميتون دفنائي، آئون گارنٽي ڏيان ٿو ته اڄ ئي ڪوئيٽا پهچندس.

اسلام آباد ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز جي لانچنگ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ هزاره ڪميونٽي تي سڀ کان وڌيڪ ظلم ٿيو، جيترو ظلم هن تي ٿيو پاڪستان ۾ڪنهن تي نه ٿيو، مچ ۾ هزاره ڪميونٽي جي 11 ڄڻن کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، اسان جي هزاره براري جي ماڻهو وڏي ڏکيائي ۾ آهن.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته مچ واقعو ان سازش جو حصو آهي جيڪا مون اڳ ٻڌائي هئي، ڀارت پاڪستان ۾ فرقيواراڻو ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو، ڪراچي ۾ عالمن جو قتل به ان سازش جو حصو آهي، ڳجهن ايجنسين چار وڏا واقعا روڪيا، ڪابينا ۾ ٻڌايو هو ته عالمن کي قتل ڪري ڏڦيڙپکيڙيو ويندو، ڏاڍي ڏکيائي سان اسان اِها باهه وسائي.

هن چيو ته مچ ۾ جڏهن واقعو ٿيو ته گهرو وزير سميت پنهنجي ٻن وزيرن کي اُتي موڪليو، سڄي قوم ۽ حڪومت هزاره برادري سان گڏ آهي، آئون خاطري ڪرايان ٿو ته اسان هنن جو ڌيان رکنداسين، اسان هنن جي سمورن مطالبن کي قبوليو آهي، پر هزاره برادري جو مطالبو آهي ته وزير اعظم اچي ته لاش دفنائينداسين، دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي طرح وزير اعظم کي بليڪ ميل ناهي ڪيو ويندو، هزاره برادري اڄ ميتون دفنائيندي ته آئون گارنٽي ٿو ڏيان اڄ ئي ايندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.