ميهڙ ۾ گهر ڀاتي يرغمال، ٻه لک ۽ سونا زيور ڦر، احتجاج

ميهڙ ( ن ع آ ) ميهڙ ۾ بدامني رڪجي نه سگهي چورين ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي  حد ڊگري ڪاليج ڀرسان ذوالفقار ڪالوني ۾ نامعلوم 8 هٿياربند واپاري محمود قريشي جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ موجود سمورن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي کين هڪ ڪمري ۾ بند ڪري گهر ڀاتين تي تشدد ڪرڻ بعد گهر مان 2 لک روپيا روڪ رقم ۽ ڏيڊ لک جا سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا گهر مالڪ واپاري محمود قريشي جي پٽ اياز قريشي ٻڌايو ته فجر جي نماز وقت 8 هٿياربند گھر ۾ داخل ٿي اسان کي يرغمال بڻايو عورتن جي دانهن تي هٿياربندن اسان تي هٿيارن جي بٽن سان  تشدد ڪيو ۽ ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري گهر مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آھن.  جڏنھن ته واقعي واري جاءِ تي ڪالوني واسي وڏي تعداد ۾ پھچي ۽ احتجاج ڪيو.  هنن چيو ته بدامني وڌي وئي آھي ڏوهه معمول بڻجي ويا آھن 8 ماڻھن جو ٽولو گھرن ۾ داخل ٿي ڦر لٽ ڪري آرام سان ھليا وڃن ٿا ڪير روڪڻ وارو نه آھي ايترو ظلم ھجڻ باوجود به ڪو نوٽيس وٺڻ وارو نه آھي ھوڏانھن اطلاع تي ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.