سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي، سکر رينج جا 56 اي ايس ائيز سينارٽي لسٽ مان خارج

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو)ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي سکر رينج جي 56 اي ايس آئيز کي سينارٽي لسٽ مان هٽائي مبينا طور تي رشوت عيوض سال 2014 ۾ ڀرتي ٿيل اي ايس آئيز کي پروموشن لسٽ ۾ پهرين نمبرن تي آڻي ڇڏيو، جڏهن ته سکر رينج جي 12 اي ايس آئيز کي رورٽ ڪري جمعدار بڻايو ڇڏيو آهي، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سکر رينج جي 56 کان وڌيڪ جمعدارن کي اي ايس آءِ طور پروموشن ڏنو ويو هو جنهن بعد گذريل چئن سالن کان ٻين پوليس عملدارن کي پڻ سينارٽي بنياد تحت پروموشن جو سلسلو هلندڙ هو اي ايس آئيز مان سب انسپيڪٽر جي لسٽ ۾ پهرين نمبرن تي ويٺل اي ايس آئيز کي اوچتو ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي پنهنجي آفيس جي عملدارن جي چوڻ ۽ سفارشي بنيادن تي پوئتي ڪندي سال 2014 ۾ ڀرتي ٿيل اي ايس آئيز کي 30 سالن کان وڌيڪ نوڪري ڪندڙ پوليس عملدارن جي جڳهه تي سينارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبرن تي شامل ڪري پروموشن لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي.ڊي آئي جي سکر فدا حسين مستوئي جي اهڙي حڪم خلاف متاثر اي ايس آئيز سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن،  متاثر اي ايس آئيز جو چوڻ آهي ته هو سال 1985 کان پوليس ۾ ڀرتي ٿيل آهن ۽ هاڻ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصو پوليس ۾ گذاري قانوني طور  ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت اي ايس آئيز ٿيڻ بعد سب انسپيڪٽر ٿيڻ لاءِ سينارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهيون پر اچانڪ ڊي آئي جي سکر پنهنجي آفيس جي ڪجهه عملدارن جي چوڻ ۽ رشوت عيوض سال 2014 ۾ ڀرتي ٿيل اي ايس آئيز کي سينارٽي ليٽ ۾ پهرين نمبرن تي آڻي اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي هنن آئي جي سنڌ سميت اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي غيرقانوني طور تي ٺاهيل اي ايس آئيز مان سب انسپيڪٽر ٿيندڙ پرموشن لسٽ مان جونئير آفيسرن جا نالا خارج ڪري اسان کي لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي آِئي جي سکر جي اهڙي عمل خلاف سنڌ هاءِڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، هوڏانهن ڊي آئي جي آفيس سکر جي آفيس سپرنٽينڊنٽ گلزار سوهو رابطي تي ٻڌايو ته سينارٽي لسٽ ٺاهي متعلق ضلعن ۽ ماڻهن ڏانهن اماڻي وئي آهي ۽ انهن کان ان بابت اعتراض لاءِ وقت پڻ ڏنو ويو آهي اگر ان لسٽ تي اعتراض ٿيا ۽ اپيل داخل ٿي ته پوءِ ان تي قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو في الحال هڪ لسٽ ٺاهي آهي جڏهن ته پرموشن مڪمل اعتراض ٻڌڻ بعد ڏنا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.