ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي ۾ پٿر دل ماءُ گلن جهڙي معصوم ابهم ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد ڪپڙي ۾ ويڙهي سرڪاري اسپتال جي پويان ڪچري جي ڍير ۾ اڇلائي فرار ٿي وئي. لاش کي پاڙيوارن ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس لاش کي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتي موجود پاڙي وارن نياڻي جي قتل ۾ ملوث پيءُ ماءُ کي ٻارڙي جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي گرفتارڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.