ٽنڊي ڄام ۾ چوري جي واپسي لاءِ احتجاج

ٽنڊوڄام(ن ع آ) سينئر صحافي لطيف چنا جي ڀٽي ڳوٺ مان چوري ٿيل ڪار پوليس واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام، صحافين ۽ سماجي  تنظيمن جو احتجاج، خبر موجب سينئر صحافي عبدالطيف چنا جي ڀٽي ڳوٺ واري گهر اڳيان نامعلوم شاهينگن پاران چوري ڪيل ڪار کي مهينو گذرڻ باوجود گاڏي واپس نه ٿي سگهي آهي، ۽ ٽنڊويسف پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي، جنهن خلاف ٽنڊوڄام ۾ سامي سٿ جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي امداد ويسر، بشير احمد ڀٽو، علي محمد جمالي، اورنگزيب ڀٽو، اطهر ميراڻي ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي ڪارڪنن پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته ٽنڊويوسف پوليس صرف ڏٽا ڏيئي رهي آهي، ڪيترا ڀيرا وس وارن سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ دانهڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، جڏهن ته عبدالطيف چنا چيو ته لاڳاپيل اختيارين سان ملاقاتون ڪرڻ باوجود لاڳاپيل ٿاڻو به نه ٿو ٻڌي ۽ صرف آسرا ڏنا ٿا وڃن، اڳواڻن آئي جي سنڌ، اي آئي جي، ڊي آئي جي، ايس ايس پي ڪردار ادا ڪري صحافي جي گهر اڳيان چوري ٿيل ڪار جلد واپس ڪرائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.