قلندر جي درگاهه ۽ اسڪول کوليون، سيوهڻ ۾ جدوجهد ڪميٽي جو احتجاج

سيوھن (ن ع آ ) قلندر شھباز جي درگاهه ۽ اسڪول بند رکڻ خلاف جدوجھد ڪميٽي سيوھڻ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران ڪالھه 17ھين ڏينهن به  احتجاجي مظاهرو ڪري درگاهه قلندر جي قديم علم پاڪ سامهون علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ سيوھڻ جي مقامي واپارين، دوڪاندارن، ريڙھو ھلائيندڙ پورھيتن،  ريسٽ ھائوس مزدورن، شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري "درگاھون ۽ اسڪول کوليو” جا زوردار نعرا ھنيا،  ان موقعي تي اڳواڻن مامو اصغر ڪوريجو، اڪبر ملاح،  سيد عاشق حسين شاهه، خالد جتوئي،  احسان رند، محبوب چانڊيو  محمد نواز رند، صفدر نجفي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  قلندر جي درگاھ بند ٿيڻ ۽ زائرين جي آمد نه ٿيڻ ڪري مقامي دڪاندار مزدور طبقو بيروزگار ٿي ويو آهي، ڪورونا وائرس سبب قلندر جي درگاھ بند ھجڻ ڪري دڪاندار فاقا ڪشي تي مجبور ٿي ويا آهن،  جڏهن ته اسڪول بند ٿيڻ سان سندن ٻارڙن جو تعليمي مستقبل داءُ تي لڳل آهي، ان ڪري ھو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، آخر ۾ احتجاج ڪندڙ شھرين گڏجي قلندري ڌمال پڻ ڳائي قلندر شھباز کي ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.