سنڌي ماڻهو ٻيٽن بابت جدوجهد لاءِ تيار رهن:صنعان قريشي

ڪراچي (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ،مومن سمون،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر  سومرو جسقم جي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي پھرين مرحلي جي ڪامياب جدوجهد کان پوءِ ٻئي مرحلي جي جدوجهد لاءِ سنڌي ماڻهن کي تيار رهڻ کپي ڇاڪاڻ جو سنڌ جي حڪمرانن تي ڪو به ڀروسو ناهي، هنن وڌيڪ چيو آهي ته 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جو جلسو سن ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي سمورن معاملن تي غور ويچار ڪري نئي جوش ۽ جذبي سان سنڌ جي مالڪي لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.