اي ايس آءِ بلاول وساڻ قتل ڪيس جي عدالتي حڪم تي جي آءِ ٽي قائم

خيرپور ( ڊر ) اي ايس آءِ بلاول وساڻ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي نئين جي آءِ ٽي قائم، ايس ايس پي سکر  عرفان سمون انچارج، ڳجهن ادارن جا آفيسر ميمبرن ۾ شامل جوڙيل جي آءِ ٽي ٽيم پاران خيرپور پهچي جوابدار ڄاڻايل ثقلين شاهه جي والد محب شاهه ۽ ڀاءُ اسد محب شاهه جا بيان قلمبند ڪيا جي آءِ ٽي پاران جوابدار زاهد راجپوت ۽ سندس پٽ فراز راجپوت جا بيان وٺڻ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي ڏنل درخواست منظور، سڀاڻي سينٽرل جيل ۾ سندن بيان قلمبند ڪيا ويندا واقعي جي جاچ لاءِ ڌرين جا بيان قلمبند ڪرڻ کان پوءِ 12 جنوري تي هاءِ ڪورٽ سکر ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ويندي پهريان جي آءِ ٽي جي نالي تي جلاد ٽيم جوڙي وئي هئي جنهن جاچ کان اڳ ئي ايف آءِ آر ۾ جوابدار ڄاڻايلن کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو هو ايف آئي آر ۾ نامزد ڪيل جوابدار سيد ثقلين شاهه جي والد ايڊوڪيٽ سيد محب شاهه لڪياري جو موقف  بلاول وساڻ قتل ڪيس سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي اميد آهي ته جي آءِ ٽي انصاف ڪندي ۽ سياسي اثر رسوخ قبول نه ڪندي هن چيو ته سياسي مخالفتن جي آڌار تي منهنجي پٽ کي بي گناهه هن قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.