ٽنڊي آدم ۾ 3 اهلڪارن جي ضمانت منظور

ٽنڊوآدم ( ت ر ) عدالت پاران چوڪيدار جي قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪارن جون پڪيون ضمانتون  منظور  رپورٽ موجب ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊوآدم قاضي عبدالحڪيم جي عدالت 2 هفتا اڳ پوليس  جي مبينا تشدد ۾  فوت ٿيل چوڪيدار جمن حاجاڻو جي قتل ڪيس ۾ نامزد سٽي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او  راجا نويد سرفراز ، وڏي منشي الله بخش ڊومڪي ۽ ڊيوٽي آفيسر عزيز الله سهتو جي هڪ هڪ لک جي مچلڪن عيوض پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.  ڄاڻايل جوابدار سيشن جج سانگهڙ پاران ڏنل ڪچي ضمانت تي هئا  .ان سلسلي ۾ ڪيس جي فريادي مقتول جي ڀاءَ امام الدين حاجاڻو ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته چيو ته جوابدارن جي ضمانت جي ڪيل فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪنداسين اميد ته اسان سان عدالت سڳوري انصاف ڪندي .

ڪنري ۾ٽريفڪ جام جو آزار، حادثي ۾ نوجوان زخمي

ڪنري (ت ر) ڪنري جي مک آمريڪا چوڪ تي ٽرئفڪ جو آزار سبب واقعو، اوور لوڊ ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار تي چڙھي وئي، نوجوان سخت زخمي، اسپتال داخل. تفصيل موجب ڪنري شھر جي مُک آمريڪن چوڪ تي ٽرئفڪ جي آزار سبب شھرين کي سخت پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. مک چوڪ تي چنگچي رڪشائڻ، ريڙھن ۽ ٻين گاڏين جي آزار سبب ٽرئفڪ نظام درھم برھم رھڻ لڳو، ٽرئفڪ معطل ھئڻ ڪري حادثا ٿيڻ روز جو معمل بڻجڻ لڳا آھن. ٽرئفڪ کُٿيل ھئڻ ڪري ڀاڻ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ موٽرسائيڪل تي چڙھي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 35 ورھين جو نوجوان اياز ولد سليم گِل سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندس کاڄي پاسي جي ٽنگ شديد متاثر ٿي آھي نوجوان کي تعلقي اسپتال نيو ويو. جتي علاج ھلندڙ ھو.  ھوڏانھن مک چوڪ تي ٽرئفڪ جي غير قانوني آزار تي شھرين ڳڻتي جو اظھار ڪندي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.