پريالوءِ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل

پيرجوڳوٺ (رپورٽ : علي گل جوڻيجو) پريالوءِ جي جوڳي محله جي رھواسي وحشي صفت جوابدار نادر علي شيخ ڪارنهن الزام  مڙھي پنهنجي 25 ساله نوجوان گهرواري شمشاد ڌيءَ غلام محمد شيخ کي گهر جي اڱڻ ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي مٿي ۽ منهن ۾ ڏنڊا هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، واقعي وقت گهر جي عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ ۽ رڙيون هيون، اطلاع بعد پريالوءِ پوليس ڄاڻايل هنڌ پھچي مقتوله عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي خيرپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش سندس ڀاءُ اسد الله شيخ جي حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گهر پھچڻ تي وارث عورتن ۾ قھرام مچي ويو، ٻئي طرف پريالوءِ پوليس شھر ٻاھران جوڳي محله ۾ گهر تي ڇاپو هڻي جوابدار کي واردات ۾ استعمال ڏنڊي سميت گرفتار ڪري ڇڏيو آھي. پريالوءِ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته پڇا ڳاڇا دوران جوابدار پوليس کي ٻڌايو آھي ته مان پنهنجي گهرواري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آھي پر هن الزام هيٺ آيل نوجوان جو نالو اڃان تائين نه ٻڌايو آھي. هوڏانهن مقتوله عورت جي ڀاءُ اسد الله شيخ پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو آھي ته جوابدار نادر علي شيخ منهنجي ڀيڻ سان گذريل ڪيتري عرصي کان تشدد ڪندو هو ۽ هو گهر جو وھنوار به سٺي نموني نه هلائيندو هو منهنجي ڀيڻ تي اھڙو ڪارنهن جو غليظ الزام هڻي اسان جي بدنامي پيو ڪري، ڀيڻ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو پوليس ڪيس داخل نه ڪري سگهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.