مانجهند لڳ ٽرڪ جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، ڊرائيور چيڀاٽجي فوت

مانجهند ( ن ع آ ) مانجهند ڀرسان لاکڙا ڪول فيلڊ جي انڊس ڪول ۾ٽرڪ اسٽارٽ ڻه ٿيڻ سبب چالو ڪرڻ لاءِ  ٽريڪٽر ذريعي  ڌڪو ڏئڻ دوران اچانڪ ٽرڪ اسٽارٽ ٿي ٽريڪٽر سان پويان کان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 28 ورهين جو ڊرائيور علي اصغر سهاڪاڻي کوسو  ولد مزار خان کوسو موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي سخت جدوجهد بعد ٻاهر ڪڍي  ڳوٺ مستين کوسو لڳ انڊس ڪول گهر نيو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي ڊرائيور علي اصغر کوسو پنهنجي ئي مائٽن جي ٽرڪ کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ ويو ت اجل جو شڪار ٿي ويو انڊس پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور فوتي جو ويجهو عزيز آھي جنهن سبب ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي جڏهن ت وارثن لاش جي پوسٽ مارٽم به نه ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.