پنوعاقل (ن ع آ) ھفتو اڳ سردار حاجaي خان چاچڙ جي رھواسي دوست محمد چاچڙ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ھو ته ھن جي معصوم نياڻي جنت عمر 4 سال گھر مان نڪرڻ ڪري گم ٿي وئي آھي،جنھن جي مسلسل ڳولھا کانپوءِ سندس گھر جي پٺيان گندي پاڻيءَ جي کوھ مان لاش مليو آھي،ڳوٺاڻن پاران لاش جي سڃاڻپ کانپوءِ بائيجي پوليس پھچي تعلقه اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ پھچي ويا،ھوڏانھون مليل ڄاڻ موجب نينگري جي وارثن پاران بائيجي ٿاڻي تي رپورٽ ڪئي ھئي ۽ آخري اطلاعن تائين ڪنھن کي به جوابدار نه ڄاڻايو ويو آھي.