سجاول جوڻيجو لڳ نوجوان ٿريشر مشين ۾ اچي فوت

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ محراب ديناري جو رھواسي ٽريڪٽر گاڏي جو ڊرائيور 35 سالا محمد پناھ  ديناري ٽريڪٽر گاڏي جي سارين جي ڳاھ واري ٿريشر مشين ۾ اچي ڦاسي فوت ٿي ويو فوتي ڊرائيور ڳوٺ محمد صلاح گوپانگ ۾ سارين جي ديري ۾ ٽريڪٽر ٿريشر مشين ھلائي رھيو ھو ته واقعو پيش آيو ھوڏانھن فوتي جو لاش ڳوٺ محراب ديناري ۾ پنهنجي گهر پھچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو ڪھرام مچي ويو ڳوٺ اندر سوڳوار ماحول پيدا ٿي ويو فوتي نوجوان پ پ اڳواڻ نيڪ محمد ديناري جو سوٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.