ملڪ ۾ دهشتگردي وري وڌي رهي آهي:جلال شاهه

گلشن اقبال (ن ع آ ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه پنھنجي جاري ڪيل  بيان ۾ چيو آهي ته مڇ سانحو انسانيت سوز سانحو آهي ۽ اسين هزاره ڪميونٽي ۽ سانحي ۾ شھيدن جي پوئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا. سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ملڪ جي اندر دھشتگردي هڪ دفعو ٻيهر تيزيءَ سان وڌي رهي آهي جنهن سبب لکين ماڻهو مڇ سانحي سبب سموري ملڪ اندر سوڳوار آهن پر ملڪ جو وزيراعظم شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ به اتي نہ ٿو وڃي سگهي جنهن سبب هزارين هزاره ڪميونٽي جا ماڻهو سخت سردي ۾ ميتن سان احتجاج ڪري رهيا آهن.   سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سالن کان ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف نيشنل ايڪشن پلان هلي پيو پر مڇ سانحي کانپوءِ لڳي ائين رهيو آهي تہ نيشنل ايڪشن پلان پنهنجي پڃاڻي تي پهنچي چڪو آهي جنهن جو نشانو معصوم هزاره برادريء جا مزدور بڻيا آهن. . هن انسانيت سوز سانحي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. اسان هڪ دفعو ٻيهر مڇ سانحي جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا ۽ دھشتگردي ۾ ملوث  ڳجهن هٿن کي وائکو ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا جيئن ٻيهر اهڙا سانحا جنم نہ وٺي سگهن. ٻئي پاسي سيد جلال محمود شاهه جي حڪم تي ايس يو پي جو مرڪزي وفد اڄ حيدرآباد ۾ هزاره ڪميونٽي سان تعزيت ۽ اظهار يڪجهتي لاءِ ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.