جڳ مشهور فنڪار جلال چانڊيو کي وڇڙئي 20 ورهين وهامي ويا

ڦل (ن ع آ) لکين دلين تي راڄ ڪندڙ سنڌ جي يگاني يڪتاري ۽ چپڙي جي بيتاج بادشاھ فنڪار مرحوم جلال چانڊيو کي وڇڙيئي 20  سال گذري ويا سندس آواز اڄ به جھر جھنگ گونجي ٿو سندس جي 20 ھين ورسي ۾ باقي ٻه ڏينھن بچيا آھن. ٻئي طرف سندس فرزندن قلندر جلال چانڊيو، اڀرندڙ فنڪار دلبر جلال چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کي مد نظر رکندي ھن ڀيري بابا جلال چانڊيو جي ورسي سادگي سان ملھائي ويندي راڳ رنگ جي تقريب ملتوي ڪئي وئي آھي باقي خيرات ڪئي ويندي، جڏھن ته شھرين استاد غلام مرتضي ڦل، استاد محرم علي مشوري، شاعر رحمت الله ويراڳي وڳڻ ۽ ٻين چيو ته جلال چانڊيو نه صرف فنڪار ھو پر ھو فن جو خزانو ھو جنھن جا سنڌ سميت ملڪ ڀر ۾ فن جا شاگرد آھن ۽ ان جي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪي کي پڻ ھٿي ڏني جيڪا دنيا ۾ مشھور آھي سندس جي سخاوت جا پڻ ھزارين مثال آھن ۽ اڄ به جھر جھنگ ۾ سندس پھاڪا ڏنا ويندا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.