سرهاڻ ويلفيئر جي چونڊ،ڊاڪٽر عابده گهانگهرو صدر مقرر

ڪراچي (پ ر) سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ جي هنگامي گڏجاڻي اڄ سگا آفيس ۾ ٿي هنگامي گڏجاڻي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪمهلي وڇوڙي سبب سوسائٽيءَ جي صدر جي چونڊ لاءِ ڪئي وئي ڊاڪٽر عابده گهانگهرو کي سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ جي نئين صدر ۽ مهراڻ ڪمال ڄامڙي کي نئون جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.تفصيل ـ سنڌ جي ناليواري محقق، لوڪ ادب جي پارکو، ٻوليءَ جي ماهر، دانشور ۽ سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ جي صدر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪمهلي وڇوڙي کانپوءِ، سرهاڻ سوسائٽيءَ جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ ۾ سرهاڻ سوسائٽيءَ جي عهديدارن ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان ميٽنگ جي صدارت سرهاڻ سوسائٽيءَ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي سينيئر ميمبر ۽ ريڊئي پاڪستان جي ناليواري براڊڪاسٽر ۽ اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر نثار ميمڻ ڪئي. عهديدارن ۽ مايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، مريد ڄامڙي، مير مولاداد گبول،حفيظ، جمال ڄامڙي، سرهاڻ ڪمال، ايوب، سارنگ، ذڪريا مهراڻ ڪمال ڄامڙي شرڪت ڪئي. سرهاڻ سوسائٽيءَ جو نائب صدر جمال الدين(جعفر) جتوئي طبيعت جي ناسازيءَ سبب ۽ جنرل سيڪريٽري نذيد ڪاڪا ڪن اڻٽر مجبورين سبب آنلائين شرڪت ڪئي. هنگامي گڏجاڻيءَ ۾ سوسائٽيءَ جي مڙني عهديدارن ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي يڪراءِ سان ڊاڪٽر عابده گهانگهرو کي سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ جي نئين صدر ۽ مهراڻ ڪمال ڄامڙي کي نئون جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ياد رهي ته ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ان کان اڳ سوسائٽيءَ جي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جون ذميداريون سنڀالي رهي هئي.هن هنگامي گڏجاڻيءَ ۾ نون عهديدارن جي چونڊ کان سواءِ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪمهلي وڇوڙي سبب  سوسائٽيءَ جي متاثر ٿيل ڪمن کي اڳتي وڌائڻ ۽ سوسائٽيءَ جي ڪاروهنوار کي ڊاڪٽر ڪال ڄامڙي جي  خواب ۽ نظرئي مطابق جوڳائتي نموني سان هلائڻ جي سلسلي ۾ رٿون پڻ پيش ڪيون ويون. هن گڏجاڻيءَ جي منعقد ڪرڻ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن جي مرڪزي چيئرمين رفيق جعفريءَ تمام گهڻو  سهڪارڪندي ، سگا آفيس جو هال ميٽنگ لاءِ مهيا ڪيو، جڏهن ته  سگا ڪراچيءَ جو صدراشرف علي کهاوڙ، جنرل سيڪريٽري غلام اڪبر ملڪ ۽ انفارميشن سيڪريٽري اسلم کٽياڻ پڻ  ٻانهٻيلي ٿي شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.