گهوٽڪي ۾ حددخلين خلاف ٽئين ڏينهن به آپريشن

گهوٽڪي (ڊ ر)گهوٽڪي شهر ۾ حددخلين خلاف اڄ ٽين ڏينهن به شهر کي ڪلين ڪرڻ لاءِ 70 دڪانن کي پٽ ڪيو ويو ،دڪانن  وارن جو چوڻ هو ته انتظاميا اسان کي بنا نوٽيس جي دڪان ڪرين ذريعي ڊاٿا ويا آهن اسان غريبن جو ڪروڙين روپين جو سامان خراب ڪيو ويو، اسين عدالت جو دروازو کڙڪائينداسون، ٻي ڏينهن به  ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او ۽ ايس ڊي ايم گهوٽڪي جيڪو ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جو ايڊمنسٽريٽر پڻ آهي ڪيتريون ئي پوليس موبائلون ساڻ ڪري گهوٽڪي شهر ۾ ٿيل انڪروچمينٽ خلاف آپريشن ڪيو ويو ، ڪيترن ئي دڪانن جا دڪا ڪرين ذريعي ڊاٿا ويا ، خبر موجب  اڄ ٻي ڏهاڙي به گهوٽڪي شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ سي ايم او ميونسپل  گهوٽڪي نادر شاھ امروٽي ،ايڊ منسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي پوليس جي ڪيترن ئي موبائل گاڏين سان گڏ گهوٽڪي شهر ۾ ٿيل انڪروچمينٽ خلاف گهوٽڪي شهر جي سرڪاري باغ کان هڪ ڪرين ساڻ ڪري آپريشن شروع ڪيو جنهن ۾ ڪيترن ئي دوڪانن جا دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا . ، گهوٽڪي جي قادرپور جي روڊ سان ڪجھ دڪانن جا دڪا به پٽ ڪيا ويا ، افسوس ٿيو غريبن جا بينر پٽ ڪرڻ سان ڪهڙي ڪرپشن بند ٿيندي؟ ،  جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي شهر ۾ انڪروجمينٽ ۽ ٽريفڪ آزار ريڙهي مافيا جي خلاف ميڊيا تي شهرين جي شڪايتن جو آخر ڪار سرڪار نوٽيس ورتو اڄ  ٻي ڏينهن کان باقاعده ڪلين گهوٽڪي لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو ، ان موقعي تي شهري اتحاد جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ حدخلين جو آزار وڌي ويو هو شهر جي مک روڊن تي ٽريفڪ جام رهي ٿي جنهن جي ڪري شهرين کي وڏي تڪليف آهي هنن شهر مان حد دخلين جي آزار کي ختم ڪرڻ واري قدم جي آجيان ڪندي انتظاميه کي پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو، ميونسپل انتظاميا کي گھرجي ته شھر پٿاري، ريڙھي، چنگچي رڪشا مافيہ خلاف بہ ڪاروائي ڪري، شھر جي روڊن رستن تي اھي بہ قابض آھن،  ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ماجد علي ماڪو گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته دڪاندار ٽن ڏينهن اندر پاڻمرادو حد دخلين جي آزار کي ختم ڪن ٻي صورت ۾ شهر ۾ آپريشن شروع ڪري حد دخلين جي آزار کي ختم ڪرايو ويندو، هن چيو ته شهري گهوٽڪي شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ انتظاميه سان تعاون ڪن. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته  حددخلين خلاف هي آپريشن هڪ هفتي تائين جاري رهندو .هوڏانهن دڪاندارن جو چوڻ آهي ته اسان کي انتظاميا ڪنهن به قسم جو اطلاع يا نوٽيس نه ڏنو آهي اوچتي ڪرين ڪاهي اسان جا دڪان پٽ ڪيا ويا آهن اسانجو ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو ويو آهي، اسان عدالت جو دروازو کڙڪائينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.