خير محمد آريجا لڳ حادثو، 5 ڄڻا زخمي

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ سرنهن لاڙي وٽان مين ايئرپورٽ روڊ تي ڏوڪري کان لاڙڪاڻي طرف ويندڙ ڪار سوار فهد مصطفيٰ شيخ پنهنجي فيملي سان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته ڪار سوار ڊرائيور جي غفلت سبب ڪار روڊ جي فوٽ پيري مٿان چڙهي ڪلٽي کائي روڊ جي ٻئي طرف ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ڊرائيور فهد مصطفيٰ شيخ ۽ موٽر سائيڪل سوار سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي رستي ويندڙ آپريٽر عبدالرزاق ڀاڳت بيهوشي واري حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي ويو واضع رهي ته يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي پوليس ڪار ۽ موٽر سائيڪل پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.

ٻيلو ويجهو   مسافر رڪشه ڪلٽي 2 مسافر ۽ ڊرائيور زخمي

ٻيلو شھر (ن ع آ) ٻيلو  سجاول روڊ  تي  طاھراڻي اسٽاپ وٺ  سجاول کان ٻيلو طرف ايندڙ مسافر رڪشو   اوور ڪراس  ڪندي  ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي ويو  جنھن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار ٻه مسافر  خميسو ۽ جمن ملاح سميت رڪشه ڊرائيور  امير ملاح  سخت زخمي ٿي پيا  زخمين کي مقامي ماڻھن مقامي  اسپتال پهچايو کين طبعي امداد ڏيڻ بعد سجاول اسپتال رفر ڪيو ويو جڏنهن ته زخمين جي حالت خاطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

ڀرياسٽي ۾ ڪار پنڌ ويندڙ پيرسن کي ٽڪر هڻي فرار

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي قومي شاهراهه تي روڊ حادثو. قومي شاهراهه تي ڪار سوار پيدل ويندڙ  60 سالن جي پيرسن خدابخش بروھي کي ٽڪر هڻي فرار.  ڳوٺاڻن پيرسن خدابخش بروھي کي زخمي حالت ۾ کڻائي ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪرايو ويو. جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ان سلسلي ۾ ڀرياسٽي اسپتال ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر ٻڌايو ته پورهيت  پيرسن خدابخش کي زخمي حالت ۾ ڳوٺاڻا کڻي آيا آھن سندس علاج جاري آھي کيس ٽنگ ٻانھن ۽ پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳل آھن، جڏھن تـ پيرسن کي زخمي ڪندڙ ڪار سوار واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو .

لاڙڪاڻي ڀرسان همراهه ٿريشر واري مشين ۾ اچڻ سبب زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ صاحب خان شر ۾ ٿريشر واري مشين ۾ اچڻ سبب 40 سالن جو محمد الياس شر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي جي وارثن ٻڌايو ته محمد الياس شر پنهنجي ٻنين ۾ ويو جتي ٿريشر واري مشين ۾ اچڻ سبب هو زخمي ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.