خير محمد آريجا واسي نوجوان ٻن ڏينهن کان گم، وارث پريشان

خير محمد آريجا (ن ع آ)خير محمد آريجا شهر جي کوکر پاڙي واسي غريب پورهيت گل کوکر جو نوجوان پٽ گل محمد کوکر گذريل  ٻن ڏينهن کان گهران نڪري گم ٿي ويو آهي جڏهن ته وارثن پاران ڳولا باوجود نوجوان هٿ نه اچي سگهيو آهي ۽ سندس جو ڪو به پتو نه پيو آهي جنهن سبب نوجوان جا پيءُ ۽ ماءُ سخت پريشان بڻيل آهن هوڏانهن ان سلسلي ۾ نوجوان جي پيءُ پورهيت گل کوکر آريجا پريس ڪلب جي صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته منهنجو پٽ گل محمد کوکر گهران نڪري  گم ٿي ويو آهي جنهن جي ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر هن وقت تائين هو هٿ نه اچي سگهيو آهي ۽ نه ڪو ڏس پتو مليو آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا ذاتي دشمني نه آهي منهنجي پٽ جو ذهني توازن درست نه آهي پورهيت ان موقعي تي پورهيت گل کوکر ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي معامري جو نوٽيس وٺي منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.