ڪنري ۾ اغوا ٿيل جي بازيابي لاءِ پوليس چڙهائي

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان نوجوان جي اغوا بابت ڏنل درخواست ۽ عدالتي حڪم تي پوليس جو چاچڙ برادري جي گھرن تي ڇاپو، اغوا  ڄاڻايل نوجوان ھٿ نه آيو، پوليس گھر ڀاتين جا بيان وٺي واپسي رواني. تفصيل موجب 10 مھينا اڳ ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن نارين ڪيسريءَ ولد رائمل ڪولھي ۽ شانتيءَ ولد ريوو ڪولھي گھران نڪري چاچڙ برادري جي ٻن نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو ناري ڪيسريءَ ڪولھي نوجوان اصغر چاچڙ سان ۽ شانتيءَ ڪولھي نوجوان سڪندر چاچڙ سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، جنھن بعد ڪجھ ڏينھن اڳ ناريءَ ڪيسري جي ماءُ پاران سندس پُٽ رميش ڪولھي کي چاچڙ برادري جي ماڻھن تي اغوا جو الزام لڳايو آھي.  ۽ ھائي ڪورٽ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي ته سندس پٽ رميش ڪولھي کي چاچڙ برادري جي ماڻھن ذوالفقار، اصغر چاچڙ، سڪندر چاچڙ سميت 8 کان مٿي ماڻھو اغوا ڪري کڻي ويا آھن، اھڙي درخواست ۽ عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي سامارو غلام سرور ٻٻر جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي 8 موبائلن بودرفارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوسو چاچڙ ۾ چاچڙ برادري جي ذوالفقار چاچڙ جي گھر تي ڇاپو ھنيو پر ڪوبه نوجوان هٿ نه آيو جنھن بعد پوليس بيان وٺڻ بعد رواني ٿي وئي ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ذوالفقار چاچڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪولھي برادري جي ٻن ڇوڪرين منھنجي ڇوڪرن سان پسند جي شادي ڪئي ھئي جنھن بعد ھاڻ ڇوڪرين جا وارث اسان تي رميش کي اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي الزام ڪوڙو آھي اسان ڪوبه نوجوان اغوا ناهي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.