ڪنڌڪوٽ پوليس پاران نوجوان آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن پوليس پاران مقابلي بعد نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ،ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن  پوليس هڪ هفتو اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان علي جان باجڪاڻي کي ڪچو ڪيٽي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي ان سلسلي ۾ پوليس ترجمان پريس رليز جاري ڪندي اظهار ڪيو ته ڪچي اندر مسلسل هلندڙ پوليس آپريشن جي ڪري ڏوهاري دٻاءُ ۾ اچي نوجوان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻه ايس ايڇ او گهنور مهر ۽ ان جي ٽيم پاران ڏوهارين سان مقابلو ڪيو ۽ ڏوهاري مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پوليس مغوي کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته علائقي ۾ ڏوهارين هي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي،هوڏانهن مغوي گهر پهچڻ تي گهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.