اڪري ۾ پسند پرڻي تان چڙهائي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، ٻه مهمان گرفتار

اڪري چودڳي (ن ع آ ) اڪري واسي پريمي شفيع محمد نائچ ۽ لسٻيلا واسي گلشن ميمڻ جي پيار پرڻي واري مامري کي اڪري پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو ناري دارالمان حوالي ٿي جڏهن ته پريمي شفي محمد  لاپتا آهي، ان باوجود اڄ اڪري پوليس ڳوٺ ڌڻي بخش ڳاهو تي چڙهائي ڪري محمد عمر ۽ اصغر نائچ جي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ گهر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري تلاشي بهاني پيٽين ۾ پيل سامان عورتن ٻارن جا ڪپڙا سامان سڄي آڳر تي اڇلائي پکيڙي ڇڏيو اڪري پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر اندر بلاجواز گهڙي گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سانگهڙ کان آيل مهمان غلام اڪبر نائچ ۽ قربان نائچ کي گرفتار ڪري کڻي وئي، ان موقعي تي گهر ڌڻي محمد عمر،اصغر،جاويد،اڪبر نائچ مسمات شهزادي،سڪينه،سلمي ۽ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پيار پرڻو ڪندڙ شفي محمد سان اسان جو ڪو واسطو ناهي صرف اسان جي ذات وارو آهي پر اڪري پوليس هروڀرو اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽۽ ٻارن تي تشدد ڪيو اڪري پوليس هفتو اڳ اسان  اقرار ۽ غلام حيدر نائچ تي نشي آور سوپارين جو ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو ۽اڄ وري اڪري پوليس گهر ۾ڌاڙيلن وانگر داخل ٿي تشدد ڪري اسان جا ٻه ڄڻا گرفتار ڪري وئي آهي، چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.