پنجاب حڪومت طرفان ڪمند سنڌ موڪلڻ تي پابندي، رونتي ويجهو ڌرڻو

رونتي (رپورٽ: ظهور گل ڏهر) پنجاب حڪومت طرفان سنڌ ۾ ڪمند کڻي وڃڻ تي بين الصوبائي پابندي بعد رحيم يار خان انتظاميا پاران پنجاب کان سنڌ ايندڙ ڪمند سان ڀريل ٽيڪٽر ٽرالين کي سنڌ پنجاب وٽ روڪي ڇڏيو، جنهن بعد قومي شاهراهه تي ڪمند سان ڀريل ٽيڪٽر ٽراليون  بيهڻ سبب قومي شاهراهه بند ٿي ويو، جتي سوين ٽيڪٽر ٽراليون بيهڻ سبب گاڏين جي ڊگهي قطار لڳي وئي 10 ڪلوميٽر کان وڌيڪ قومي شاهراهه بند هجڻ سبب مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئي رهيو آهي جنهن کان پوءِ آبادگار اڳواڻن احمد يار ولانه، شاهد ٽهريلي، خليل الرحمان خالدي، لعل بخش چهواڻ ۽ ٽيڪٽر ٽرالي ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو سخت ناري بازي ڪئي. ان موقعي تي انهن اڳواڻن چيو ته پنجاب حڪومت جي آبادگارن سان زيادتي آهي ڇو ته سنڌ ۾ آبادگارن کي ڪمند جو ريٽ زيادا ملي ٿو پنجاب شوگر ملز انتظاميا جي هڪ هٽي هجڻ سبب آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، اسان جي سپريم ڪورٽ کان اپيل آهي ته آبادگارن جي مسئلن جو نوٽيس وٺي پنجاب جي ڪمند سنڌ ڏانهن وڃڻ ڏني وڃي نه ته اسين پوري پنجاب ۾سخت احتجاج ڪنداسين.

ڳڙهي حسن ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڳڙهي حسن (ن ع آ)ڳڙهي حسن ڊسٽري ۽ ھئيرو شاخ ۾ ايريگيشن عملدارن جي نااهلي سبب پاڻي جي کوٽ خلاف حاجي /برڪت علي خان ڪٽوھر ، جمعدار مير ھزار، ڪوڙا خان، محمد يوسف ڪٽوھر جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري ڀٽاڳڙھي ٺل روڊ کان نڪرندڙ سنڌ بلوچستان لنڪ روڊ بند ڪري اعلي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي انهي موقعي تي  ھنن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته عملدار پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي تباھ ڪري رھيا آھن فصل پاڻي جي بروقت دستيابي نه ھجڻ ڪري تباهه ٿي  رھيو  آھي،پاڻي جي موسم سان نه پھچڻ جي ڪري ايوريج گھٽ ٿو لھي  جنھن سان آبادگارن جي معاشي زندگي تي گھرا اثر پون ٿا. واضح رھي ته جنوري جي شروعاتي ڏينھن ۾ سرء جي فصلن خاص ڪري ڪڻڪ سرنھ ء ٻين فصلن کي پاڻي ڏيڻ لازمي آھي. ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسي آبادگارن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن پاڻي جي وهڪرن کي بند ڪري ھٿرادو کوٽ جاري رکيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

احمدپور واهه جا ڪپر ڪمزور ، ڳوٺاڻن جو احتجاج

احمدپور  ( ن ع آ ) احمدپور واهه جا ڳوٺ نواب شيخ ڀرسان ڪپر ڪمزور هجڻ خلاف ڳوٺاڻن اسلم شيخ ، مراد علي شيخ ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيوته اسان جي ڳوٺ نواب خان شيخ ڀرسان احمدپور واهه جا ڪپر انتهائي ڪمزور ٿي ويا آهن جنهن سبب گھارا پوڻ ڪري فصل تباهه ٿي ويا آهن هنن چيو ته ڪپر ڪمزور هجڻ جي دانهن ڪيترائي ڀيرا اعليٰ اختيارين کي ڏني آهي پر ڪا داد رسي نه ٿي سگھي آهي جنهن ڪري سخت پريشان ٿي رهيا آهيون هنن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي احمدپور واهه جا ڪپر مضبوط ڪري نقصان کان بچايو وڃي

پيرو لاشاري  جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، فصل سڪڻ لڳا

پيرولاشاري ( ن ع آ  ) بدين ضلعي جي واپاري مرڪز پيرولاشاري شھرجي علائقن ۾ ميرواھ مورجھر، مغل شاخ چانري مڇاري ۽ ٻين واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي وئي آهي واهن ۽ شاخن جي پيٽن مان پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي، چيٽ جا فصل ڪڻڪ،سورج مکي، ڀينڊي ،مرچ ،ٽماٽا ،توريو ،برسيم ،سرنهن سميت ٻيا فصل پاڻي جي کوٽ سبب سڙي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ سبب ڪمند جي فصل جي پوکائي ٿي نه سگهي آهي، هتان جي آبادگارن ۾ حاجي علي حسن ملاح ممتازلاشاري، مامون ملاح، ميرمحمدلاشاري ۽ ٻين ” عوامي آواز  سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب چيٽ جا فصل تباھ ٿي ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته پاڻي نه ھئڻ ڪري اسان جا فصل سڪي رھياآھن.

چوهڙ جمالي ۾ آبادگارن جو آبپاشي عملي خلاف احتجاج

چوهڙ جمالي( ن ع آ) يوسي گونگاڻي جي زميندار محمد آچار ٻارڻ ۽ صدام حسين ٻارڻ سجاول ضلعي جي آپباشي عملي خلاف پيس ڪانفرنس ڪندي الزام هڻندي چيو آھي ته سجاول ضلعي جي آپباشي کاتي جي ڪلارڪن خادم حسين ڇنا غلام حيدر گاڏھي ۽ اسٽور ڪيپر انور آپباشي کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي ضلعي جي مختلف هنڌن تي پنهنجا من پسند بيلدا  داروغآ ۽ ٽنڊيل مقرر ڪري انهن جون پگهارون پاڻ وصول ڪري رهيا آھن ان ڪرپشن ۾  آپباشي انجنيئر به ساڻن مليل آھي ھنن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل ڪلارڪ خادم حسين چنا وٽ پنج اضافي چارجون آھن جڏھن ته جاتي سب ڊويزن ڊرصنيج جي ڪلارڪ وٽ پڻ ٽي چارجون آھن سپريم ڪورٽ جو حڪم آھي ته ڪوبه سرڪاري ملازم اضافي نٿو رکي سگهي ان جي باوجود سجاول ضلعي جي آپباشي عملي سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏي پاڻ وٽ هڪ کان وڌيڪ چارجون رکيون آھن انهن آپباشي جي آڙ ۾ وڏيون پراپرٽيون ٺاهيون آھنانهن جي پراپرٽين جي جانچ ڪئي وڃي ته انهن ايتري ملڪيت ڪيئن ۽ ڪٿان هٿ ڪئ آھي هنن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آھي ته سجاول ضلعي جي اپباشي عملي جي جانچ ڪري کانئن اضافي چارجون واپس ورتيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.