ميرپورماٿيلي باءِ پاس تي پوليس وردي پهريل هٿياربندن جي ڦرلٽ

ميرپورماٿيلو(ن ع آ)ميرپورماٿيلو جي نرسري باءِ پاس نيشنل ھاءِوي تي گذريل رات پوليس وردي پھريل ڪار سوار 5 ھٿياربند ڦورن ڳوٺ بودلو تڙت جي رھواسي ھدايت الله تڙت کي ٽريڪٽر تان لاھي اغوا ڪري ٽن  ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي ھٿ پير ٻڌي فصل ۾ ڦٽو ڪري کانئس 2016 ماڊل 640 فيئيٽ ٽريڪٽر ڦر ڪري ورتو،ان کان علاوھ ڳوٺ راضي سيال ۾ چور ريٽائرڊ فوجي علي اڪبر سيال جي گھران 4 ٻڪريون چوري ڪري ويا،ان کان علاوھ 4 راتيون اڳ ھڪ ئي رات چور شھر جي مختلف ڪالونين مان 7 موٽرپمپ چوري ڪري ويا،اھڙي طرح ربنواز ڪلھوڙو جي مينھن،زبردست بوزدار جي ڳئون ۽ ٻڪرين سميت ٿيل 41 کان وڌيڪ چورين مان پوليس ڪا ھڪ به رڪوور نه ڪرائي سگھي، ميرپورماٿيلو پوليس ٻڌ ڇوڙ ڪري صرف مال ميڙڻ ۾ پوري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.