چمبڙ ۾ انتظاميا جو حددخلين خلاف آپريشن

چمبڙ (ن ع آ ) چمبڙ پھرين مرحلي ۾ بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ چاڪرشاخ تي راوت لغاري موڙ چاڪرشاخ جي موري کان  چاڪرشاخ جي ڪپرن مٿان قبضا ڪري گھر ٺاھي ويٺل ماڻھن توڙي قادربخش موري اسٽاپ تي چاڪر شاخ جي ڪپن مٿان دڪانون ٺاھي ويٺل قبضا ھٽائڻ لاء اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ محبت علي ٻٽ، جي نگراني ۾ ايريگيشن ايڊيشنل ايس ڊي او اريگيشن فراز سھتو، اسلم راجپوت، ڊي ايس پي چمبڙ سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ڀاري پوليس نفري ليڊيز پوليس ساڻ ڪري پھرين مرحلي ۾ راوت لغاري موڙ کان قادربخش موري چاڪرشاخ جي آرڊي 85 تائين شاخ جي ڪپرن مٿان قبضا ڪري ويٺل ماڻھن خلاف سخت آپريشن ڪري قبضا ھٽايا ويا.  ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ محبت علي ٻٽ، ۽ ايڊيشنل ايس ڊي او ايريگيشن فراز سھتي ميڊيا نمائيندن سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت ۽ سي ايم سنڌ جي جاري ڪيل ھدايتن تي بڪيراڻي سب ڊويزن مان نڪرندڙ چاڪرشاخ مٿان سرڪاري حدن تي گھر ٺاھي ويٺل توڙي اسٽاپن تي دڪانون ٺاھي قبضا ڪري ويٺل ماڻھن خلاف پھرين مرحلي ۾ آپريشن ڪري قبضا ھٽائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ تعلقي چمبڙ مان گذرندڙ واھن ۽ شاخن جي ڪپن سرڪاري حدن اندر غيرقانوني قبضا ڪري ويٺل سڀني ماڻھن کان ڪيل قبضا خالي ڪرايا ويندا پوء قبضا مافيا ڀلي ڪيترو به بااثر ڇو نه ھجي ڪنھنکي به بخش نه ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.